سيد فتح محمد شاهه شيرازي

سيد فتح محمد شاهه شيرازي: ناميارو خطاط سيد فتح محمد شاهه ولـد سـيد حاجي شاهه، 21 اپريل 1841ع ڌاري روهـڙيءَ ۾ ڄـائـو. سـيد فتح محمد شاهه جا وڏا اصل ۾ ٺٽي جا رهاڪو هئا. سيد علي ثاني، شيرازيءَ جي اولاد مان سيد جمال شاهه شيرازيءَ نالي هڪ بزرگ ٻارهين صديءَ هـجــريءَ ڌاري ٺٽي مان لڏي اچي روهڙيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سـيد فـتـح محمد شاهه جي نسب جو سلسلو سيد جمال شاهه سان ملي ٿو. سـيـد فـتح محمد شاهه پنهنجي دور جو هڪ بهترين خوش نويس هو. ’مجموعه رقعات‘ جي نالي سان سندس هڪ ڪتاب پڻ لکيل آهي. هي نسخو ’خط نسخ‘ ۾ قديم دور جي ٿلهي پني تي لکيل آهي.


لفظ سيد فتح محمد شاهه شيرازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو